اسلام آباد/ ميرپورخاص – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا ۾ پنهنجي شهرين کي ??مد??د ۽ معاونت جي فراهمي جي حوالي سان پاڪستان دنيا ۾ مثال قائم ڪيو آهي، حڪومت وبا جي دوران ملڪ جي اڌ آبادي کي ??مد??د فراهم ڪئ??، پاڪستان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن حڪومت ۽ رياست جو عام ماڻهو سان رابطو هج??، پاڪستان پنهنجي اقليتن سان مثالي سلوڪ ڪري رهيو آهي. هو اها ڳالهه هتي ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ??مد??دي سامان جي ورڇ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته اڄ حڪومت ۾ اها ??وچ آهي ته جڏهن ڪا مشڪل ايندي آهي ته ان صورت ۾مدد فراهم ڪئي وڃي، حڪومتون محلن جي اندر ناهن هونديون، حڪومتون عوام جي ڳالهه ڪنديون آهن، عوام س??ن گڏ گڏ هونديون آهن ۽ عوام جي مشڪلاتن جو حل ڪڍنديون آهن، صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا ۾ دنيا ۾ پاڪستان مثال قائم ڪيو، پاڪستان جي حڪومت هڪ ڪروڙ 69 لک خاندانن کي 12، 12 هزار روپين جي روڪ ??مد??د فراهم ڪئي ڇو ته عوا مشڪل ۾ هو، اسان جا ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن کي روڪ رقم ۽ پئسا پهچائڻ ضروري هو .