اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪن بزنس ڪائونسل جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪ??ري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخ??ري ۽ ٻيا سينئر آف??سر به موجود هئا. وفد موجوده حڪ??مت جي طرفان ڪاروب??ري برادري جي لاءِ سهولتون خاص طور تي ايز آف ڊوئنگ بزنس جي حوالي سان ڪيترن ئي قدمن کي ساراهيو، وفد ۾ موجود مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پنهنجي ڪمپنين جي ڪاروب??ري سرگرمين ۽ لاڳاپيل معاملن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو، وفد جي مي??بر?? چيو ته حڪ??مت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ٿي آهي ۽ اهي پنهنجي سيڙپڪ??ري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهشمند آهي، ڪاروب??ري طبقي جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان وفد مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون، وزيراعظم وفد کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاروب??ري برادري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، منافع بخش ڪاروبار جي لاءِ موافق فضا جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي.