اسلام آباد – پهري?? جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مر??د سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر ڪرپشن ۽ چوري ڪري پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ اثاثا ٺاهيا، پاناما دستاويز پاڪستان جي ڪنهن ميڊيا هائوس يا نيب جاري ناهن ڪيا، لنڊن جي ملڪيتن جي حوالي سان بي بي س?? جي ڊاڪيومينٽري ٺهي، جڏهن ته نيويارڪ ٽائيمز آرٽيڪل به لکيا، بهترين جمهوريت جي لاءِ ميڊيا جو هجڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ مخالف ڌر پاران پيش ڪيل رٿن تي بحث ۾ حصو وٺندي ڪيو. وفاقي وزير مر??د سعيد نئين سال جي آغاز کي س??نيٽ جي سڀني ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون، هن چيو ته نيب جي حوالي سان نيب جو ترجمان ئي بهتر ڳالهائي سگهي ٿو، هن ميڊيا ۽ اينڪرز جي حوالي سان بيانن جي مذمت ڪندي چيو ته ميڊيا ۽ صحافين کي جنهن انداز سان مخاطب ڪيو ويو ۽ پوري صحافي برادري کي تڪراري بڻايو ويو اها غير مناسب ڳالهه آهي، هن چيو ته ماضي ۾ نيب سميت پارليامي??ٽ، ايس اي س?? پي، ايف بي آر، ۽ قومي اسيمبلي کي ??نه??جي مر??ي جي ماڻهن جي خلاف ۽ ??نه??جي ڪرپشن جي دفاع لاءِ استعمال ڪيو ويو.