اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير تي پاڪستا?? جي سياسي قيادت متفق راءِ رکي ٿي، پوري پاڪستاني قوم ڀارت جي قدم جي مذمت ڪندي ڪشميرين ??ان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪيو، ڀارت هاڻي انڊيا بدران هنديا بڻجي چڪو آهي، جيڪا گ??نڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، ڪشميري?? جي دل ڀارت کان تنگ ٿي چڪا آهن، اهي شڪست کائي چڪا آهن، خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين ??ان گڏ بيٺل آهيون، ڪشمير انشاءَالله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان جو حصو بڻجندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير تي خاص سيشن منعقد ڪرڻ خوش آئنده آهي، اهو خوش آئنده آهي ته ڪشمير تي سياسي قيادت متفق راءِ رکي ٿي، مخالف ڌر جا ٿورا مڃان ٿو جنهن فهم ۽ فراست ۽ دورانديشي جو مظاهرو ??يو ۽ سياست کان ڪشمير مسئلي کي مٿانهون رکيو ۽ تنقيد ۾ به تعمير جو پهلو آهي جنهن جو مقصد بهتر طريقي ??ان ان معاملي تي اڳڀرائي ڪرڻ آهي، اڄ پوري پاڪستاني قوم جا ٿورا مڃان ٿو جنهن ڪشمير ڪاز ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سڄي ملڪ ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ جي قدم جي مذمت ڪئي وئي آهي، ننڍن ننڍن ڳوٺن سميت ٿر ۾ به سوين ماڻهو ڀارت جي مذمت ۾ نڪتا آهن، نه رڳو اندرون پر ٻاهرئين ملڪ به پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن، پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز کي متحرڪ ??يو ويو آهي، ڀارت 5 آگسٽ تي وڏي حماقت جو مظاهرو ??يو ا?? جي قدم ??ان سڄي دنيا ۾ اهو مسئلو اجاگر ٿيو، ڀارت جي قدم جي خلاف سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ مضمون شايع ٿيا، پاڪستاني قوم 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مظفرآباد ۾ سمورين سياسي پارٽين وزيراعظم ??ان يڪجهتي جو پيغام ڏنو آهي، ڀارت جي اندران تنقيدي آواز اٿي رهيا آهن، مودي جي پاليسي کي پاڻ ڀارت جي اندر ناڪام چيو پيو وڃي، ڀارت هاڻي انڊيا مان هنديا بڻجي چڪو آهي، اها گ??نڌي ۽ نهرو جي فلسفي جي نفي آهي، مودي بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جو بنياد رکي رهيو آهي، آئون اميد ڪريان ٿو ته پوري مسلمان امت ا?? جي مذمت ڪندي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو کي هڪ سال گذري ويو، اڄ به انساني حق معطل آهن، ميڊيا تي پابنديون آهن، عالمي ادارن کي داخلا جي اجازت نه آهي، نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ڀارت شڪست کائي چڪو آهي، ڪشميرين جا دل ڀارت کان تنگ ٿي چڪا آهن، ا??ان ٻيهر سلامتي ڪائونسل ۾ اهو مسئلو اٿاري رهيا آهيون، پاڪستا?? جي نئين نقشي کي سڀني متفقه طور تي منظور ??يو آهي، ڪشميري?? جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن ??ان گڏ بيٺل آهيون، ڪشمير انشاءَ الله آزاد ٿيندو ۽ پاڪستان بڻجندو.