اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪا به حڪومت اڪيلي سر ڪورونا جهڙي وڏي چئلينج جو مقابلو نه ٿي ڪري سگ??ي، سرندي وارن جي عطين ۽ فلاحي تنظيمن جي ڀرپور معاونت سان حڪومت سڄي ملڪ جي سمورن طبقن تائين پهچڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان پڻ موجود هئا. وفد ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان پاران ڪمزور ط??قي کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيو، وفد موجوده صورتحال جي ڏس ۾ تعميرات ۽ ٻين ??خت??ف صنعتي سرگرمين جي اجازت ڏيڻ جي حڪوم??ي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته ان سان ڪاروباري ط??قي جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي.