اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي درخ??اس?? تي ڪورونا وائرس جي عدم پکيڙ ۽ عوام جي جان ۽ مال، روزگار جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ مستقبل جا فيصلا هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان سنڌ جي وڏي وزير کي هدايتون ڏنيون ته هو اڄ اڱاري ڏينهن اين سي سي جي اجلاس ۾ هڪ جام?? روڊ ميپ کڻي اچي جنهن ۾ پوئتي پيل علائقن، ڪچين آبادين ۽ پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي جهلڪ نظر اچي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي خاص مددگار ??اڪ??ر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ اين سي سي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته مستقبل جي فيصلن کي هڪ ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان درخ??اس?? ڪئي وئي ته اڏاوتن واري شعبي ۽ ضروري شين کي کولڻ جي قدمن جي اعلان کان اڳ ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جئين هم آهنگي سان فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻايون.