اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جو بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ تي ??مورين سياسي پارٽين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي تحفظ سان ڳنڍيل اهم قانونسازي تي ??ياسي پارٽين اتفاق ۽ بردباري جو مظاهرو ڪيو، اڄ ثابت ٿي ويو ته جڏهن به ملڪ تي مشڪل وقت آيو سموريون سياسي پارٽيو?? متحد ٿي وينديون آهن، سياسي معاملن تي ??ختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، جڏهن به ملڪ جي قومي سلامتي ۽ مفادن جي ڳالهه ايندي آهي ته سڀ سياسي پارٽيو?? متحد ٿي وينديون آهن، پ??پل??پارٽي خاص داد جي حقدار آهي جنهن قومي مفاد ۾ پنهنجون تجويزون واپس ورتيون، مخالف ٻڌي وٺن، ملڪي مفاد جي معاملي ۾ سموريون سياسي پارٽيو?? متحد آهن، پارليامينٽ عوام جي عدالت مان سرخرو ٿيندي رهندي، پاڪستان جي مخالفن جي پروپگنڊا کي پارليامينٽ دفن ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ انهن جي ارمانن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.