ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي ڏس ۾ انٽيليجنس معلومات جي مٽاسٽا ۽ ويجهي تعاون کي وڌائڻ جي ??اء?? گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم عمران ان ۽ افغانستان جي صدر اشرف غني خميس ڏينهن هتي صدارتي محل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي ??اء?? فوري قدمن جي سلسلي ۾ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان جيڪو پهريون ڀيرو افغانستان جي دوري تي ڪابل آيو، افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، بين الافغان امن عمل ۽ علائقائي اقتصادي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان افغان حڪومت کي پاڪستان پاران افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي ??اء?? تعاون ۽ جنگ بندي جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي، وزيراعظم چيو ته هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته پاڪستان افغانستان جي ڪهڙي طرح جي مدد ڪري سگهي ٿو، هن افغان صدر کي يقين ڏياريو ته هو تشدد ۾ گهٽتائي ??اء?? ڀرپور مدد فراهم ??ندو، وزيراعظم افغانستان ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن تي ڳ??تي جو اظهار ڪندي گڏيل خيالن جي مٽاسٽا ??اء?? ٻنهي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽين جي قيام جي حمايت ڪئي. وزيراعظم عمران خان افغانستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهارڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي.