اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهڙي ڪا صورتحال نه آهي جو چونڊن ۾ دير ??و سبب بڻجي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، چيف اليڪشن ڪمشنر تي اسان کي ڀرپور اعتماد آهي، سمورين ??ياسي پارٽين ??ان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. انفارميشن سروس اڪيڊمي ٻاهران صحافين ??ان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيمرا ايڪٽ ۾ صحافين کي تحفظ حاصل آهي. هن چيو ته ميڊيا جا ادارا جڏهن پيمرا کان لائيسنس حاصل ڪن ٿا ته پنهنجي پوري فزيبلٽي ۽ بزنس پلان شيئر ڪن ٿا. صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي نوڪرين مان ڪڍڻ افسوسناڪ آهي، ان حوالي سان پيمرا چيئرمين ??ان ڳالهه ڪئي ويندي ته قانون تحت انهن ورڪرز جي تحفظ جي لاءِ ڪهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا ان جو نوٽيس وٺندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلوچستان مان آيل مظاهرين ??ي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، انهن مظاهرين ??ا مطالبا اڄ جا نه آهن، ڪيترائي ڏهاڪا اڳ جا آهن، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته انهن مس??لن کي حل ڪريون. هن چيو ته گذريل ڏينهن به اسان جون مظاهرين ??ان ڳالهيون ٿيون، عورتون ۽ ٻار ڪافي مشڪل صورتحال ۾ هئا، اسان جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي حفاظت سان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس موڪليو وڃي. ان سلسلي ۾ اسان ڪجهه انتظام به ڪيا پر اهي واپس نه پيا وڃڻ چاهين، عورتن ۽ ٻارن کي فوري طور تي آزاد ڪيو ويو، اهو مس??لو اڃا ختم ناهي ٿيو، ڪميٽي موجود آهي ۽ پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. بلوچستان جو گورنر به هتي آيل آهي، ان حوالي سان ان سان به ڳالهه ٿيندي، ڪميٽي نگران وزيراعظم کي اڄ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي مدي ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ٿي ويو آهي، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا دير نه آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو سبب نظر اچي ٿو، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن کي مطالبو ڪرڻ جي حق کان محروم نه ڪري سگهجي. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر تي اسان کي ڀرپور اعتماد آهي، ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ به سمورن ميمبرن چيف اليڪشن ڪمشنر تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان سياسي پارٽين ??ي اندروني مس??لن تي تبصرو نه ٿا ڪري سگهون، اسان سمورين پارٽين ??ان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا ته جيئن چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿين.