اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته فارن مشنز جي ا??ٽا?? کي هاڻي وقت تي پگهارن جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ س??الن جوابن جي وقي دوران سينيٽ?? سيف الله ابڙو جي سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته جمع ڪرايل آڊٽ پيرا ۾ 285 ملين رپين ۾ 93 ملين پرڏيهي وزارت بابت هئا جن جي ريڪوري ڪئي وئي آهي، آڊٽ اعتراضن جو مطلب ڪرپشن يا غبن ناه?? هوندو، ان ۾ ملازمن ۽ آفيسرن جي علاج جي حوالي سان ڪجهه ڪاغذ به جمع ناهن ڪرايا ويندا. هن چيو ته آفيسرن کان ٿيندڙ ريڪوري معمولي نوعيت ج?? هوندي آهي، ان ۾ اڪثر ڪيسز آفيسرن ۽ ا??ٽا?? بابت هوندا آهن جن ۾ ٽيليفون بل ۽ ٽي اي ڊي اي شامل هوندا آهن. نگران پرڏيهي وزير فارن مشنز جي ا??ٽا?? جون پگهارون دير سان ملڻ جي سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پرڏيهي ناڻي ۾ گهٽتائي جي ڪري پگهارن جي ادائيگي ۾ دير ٿي هئي پر هاڻي پگهار وقت تي ادا ڪيو پيو وڃي.