راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ??ي تيراه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ جنرل ڪرنل محمد حسن حيدر سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ا??س پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ??هشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل آپريشن ڪيو. آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج جي جوانن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪنرل محمد حسن حيدر عمر 43 سال رهائش اسلام آباد، نائيڪ خوشدل خ??ن عمر 31 سال رهائش ضلع لڪي مروت، نائيڪ رفيق خ??ن عمر 27 سال رهائش ڊسٽرڪٽ چا??سده ۽ لانس نائيڪ عبدالق??در عمر 33 سال رهائش مري شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ا??س پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي سيڪيورٽي فورسز ??هشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسان جي به??در سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.