اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن، ٻنهي ملڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروباري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت ??هي?? پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر ??يڪ??ورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هو پاڪستان ۾ پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير پيوتراوپالنسڪي سان ڳالهائي رهيو جنهن هتي ??اڻ?? الوداعي ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود ??هن، ٻنهيم لڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروبار ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت ??هي?? صدر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا موجود ??هن، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر ??يڪ??ورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت ??هي?? ٻئ?? ملڪ قومي ورثي جي تحفظ، بحالي جي گڏيل منصوبن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن جي ذريعي لاڳاپا وڌائي سگهن ٿا. صدر چيو ته پولينڊ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگرد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني جي پاڪستان ۾ ڪاورباري سرگرميون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي پولينڊ جي سفير حڪومت پاڪستان جي پاليسين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان حيرت انگيز طور تي ترقي ڪري رهيو ??هي?? نوجوانن کي پاڪستان ۾ اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.