اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد جي سان گڏ ايران جي نئين چونڊيل صدر سيد ابراهيم رئسي سان تهران ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ايران لاڳاپا، علائقائي ترقي، اقتصادي تعاون ۽ پارلياماني رابطن کي جامع بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين کي وزيراعظم پاڪستان عمران خان حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ نامزد ڪيو هو. نئين چونڊيل ايراني صدر سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي اتفاق ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي ايران جي نئين چونڊيل صدر لاءِ پاڪستاني قوم، پارليامينٽ، صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چ??و ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صادق سنجراڻي چ??و ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ واپار جي فروغ ??اءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي. هن چ??و ته ايران سان بلوچستان جي سرحدي علائقن کي بجلي جي بنا ر??ڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ جي به درخواست آهي، ان موقعي تي ايراني صدر چ??و ته علائقائي واپار جي فروغ ??اءِ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بلوچستان جي علائقن کي بجلي جي بنا ر??ڊڪ فراهمي لاءِ درپيش مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو.