اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي اپيل آهي ته اها ماحولياتي تحفظ کي ي??يني بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري، عالمي برادري ماحول ۽ ايڪو نظام جي تحفظ جي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪري، وڻن ۽ جنگلي جيوت جي تحفظ جي لاءِ 9 قومي پارڪ ٺاهي رهيا آهيون، بلين ٽري منصوبي تحت هڪ ا??ب وڻ لڳايا ويا آهن جڏهن ته 2023ع تائين 10 ا??ب وڻ لڳائينداسين. هو ماحولياتي نظام جي بحالي بابت گڏيل قومن جي ڏهاڪي جي موضوع تي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.