اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن مذهبن کي مڃيندڙن جي دل آزاري روڪڻ جي لاءِ قانوني قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڪو مذهب ناهي هوندو، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ناموس رسالت ﷺ جي شان ۾ گستاخي سان ڏ??ڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿئي ٿي ۽ اسلامو فوبيا سان بين المذاهب نفرت کي هوا ملي ٿي، مسلمان دنيا کي متحد ٿي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن کي ڀل??ڪار چوي ٿو. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو مسئلو اڳ کان وڌيڪ شدت اختيار ڪري چڪو ??هي، مون وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ ڪوشش ڪئي ته مسلمان ملڪن ۽ اولهه دنيا جي وچ ۾ جيڪو ??ال وڌي رهيو آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي.