اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ??ه رمضان المبارڪ ۾ ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ قيمتن جي سخت نگراني ڪئي وڃي، رمضان المبارڪ ۾ ناجائز منافعي خورن ذخيره اندوزن جي خلاف قانوني ڪارروائي جا??ي رکي وڃي، رمضان بازارن ۾ ڪورونا وبا بابت ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. هن اها هدايت رمضان المبارڪ دوران ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.