اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻ جي ??اءِ ??ن لعنت جو خاتمو اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ??اءِ قومي رابطا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هو منشيات جي استعمال جي روڪٿام ?? ذهني صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن واري پارل??ام??ني سيڪريٽري عندليب عباس، قومي اسيمبلي ميمبر ساجده ذوالفقار خان ۽ فلاحي تنظيمن جي ??يمبرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ منشيات جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ان سان نوجوانن خاص طور تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ش??گر??ن جي جسماني ?? ذهني صحت کي لاڳو خطرن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر منشيات جي استعمال جي روڪٿام لاءِ ??ضاڪارن، استادن، والدين ۽ لاڳاپيل ٻين حصيدارن جي ??دد سان بنيادي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.