اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پهچ ۽ ورڇ تي ڌي??ن نه ڏنو، انهي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ اوچتو بجلي جو نظام متاثر ٿيو، اهڙ?? صورتحال ۾ به افواهه پکيڙيندڙ فيڪٽرين افواهون پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان سان گڏ ملڪ ۾ بجلي جي بندش بابت گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بجلي جي پ??چ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي، ان دوران ڪيترين ئي افواهن جنم ??رتو. هن چيو ته بجلي جو شعبو ملڪ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ماضي جي حڪومت جنريشن تي ڌي??ن ڏنو ۽ پهچ ۽ ورڇ جي نظام تي ڌي??ن نه ڏنو ۽ نه ئي پ??چ جي نظام ۾ نئين ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرايو ويو.