اسلام آباد – 30 ن??مبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ جي 551 هين جنم ڏهاڙي تي سک برادري کي مبارڪباد ڏيندي چي?? آهي ته پاڪستان ۾ سک برادري سميت سڀني اقليتن جي مذهبي عبادتگاهن ۽ جاين جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ ياترين لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چي?? ته سک برادري جي ٻن مقدس جاين ننڪانه صاحب ۽ ڪرتاپور پاڪستان ۾ موجود آهن، جهڙي طرح مسلمانن لاءِ مڪي ۽ مديني جي اهميت آهي اهڙي طرح سکن جي لاءِ اهي ٻه مذهبي جايون تمام گهڻي اهميت ??کن ٿيون.