اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاص?? کچي چيو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا زندگي جي هر شعبي جي ترقي جو لازمي حصو بڻجي چڪا آهن، اي پي پي جي سوشل اينڊ ڊيجيٽل ميڊيا سيڪشن مختصر عرصي ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، هن اداري کي جديد رخن تي قائم ڪري روينيو ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهج?? ٿو، سوشل ميڊيا ٽيم وٽ اهڙي مهارت آهي جيڪا پيشيواراڻي ذميواري ادا ڪرڻ ??ان??واءِ روزاني زندگي ۾ انهن جي تمام گهڻو ڪم ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون سال شروع ٿيڻ تي سوشل ميڊيا ٽيم سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيندي ڪيو. سيڪشن انچارج عارف حسين لاشاري ۽ نائب انچارج عباس شگري ايم ڊي محمد عاص?? کچي کي پنهنجي ٽيم پاران گلدستو پيش ڪيو ۽ چيو ته توهان جي رهنمائي ۽ سرپرستي ??ان??واءِ هڪ قدم به اڳتي وڌڻ مشڪل هو. توهان سوشل ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ٽيم کي نه رڳو ڀرپور اعتماد ڏنو پر انهن کي بنيادي ??هو??تو?? پڻ فراهم ڪيون جنهن جي ڪري اسان کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو مليو. توهان جا انتهائ?? ٿورائتا آهيون جو توهان هن سيڪشن جي لاءِ خصوصي وقت ڪڍيو.