لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ڏکڻ آفريقا خلاف ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ ??ي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان پهرين ٽيم آهي جنهن ڏکڻ آفريقا جي سر??مين تي ون ڊي سيريز ۾ ٽئي ميچون کٽي وائيٽ واش ڪيو آهي. قومي ٽيم کي ٽئين ون ڊي ميچ کٽڻ ۽ ڏکڻ آفريقا کي وائيٽ واش ڪرڻ ??ي مبارڪون ڏيان ٿو. اها شاندار ڪا??يا??ي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته صائم ايوب هڪ ڀيرو ??يهر پنهنجو ڪلاس ثابت ڪيو ۽ سينچري اسڪور ڪري ڪا??يا??ي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته محمد رضوان ۽ بابر اعظم سٺي بيٽنگ ڪئي، اهڙي طرح سفيان مقيم شاندار بالنگ ڪري قوم جون دليون کٽي ورتيون. هن چيو ته سڄي سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم جا رانديگر پراعتماد نظر آيا ۽ هو جذبي ۽ محنت سان کيڏيا. ان ڪا??يا??ي سبب رانديگرن جو مورال وڌندو ۽ چيمپئينز ٽرافي ٽونامينٽ ۾ به پاڪستاني ٽيم اهڙي ئي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.