اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سر??راهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته سر??راهي اجلاس کان اڳ 10 نومبر تي پرڏيهي وزيرن واري ڪائو??سل جو اجلاس ٿيندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزيرن واري ڪائو??سل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته سر??راهي اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي سعودي عرب جي حڪومت ڪئي آهي جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اها غزه ۽ ٻين والاريل علائقن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ رياض ۾ 11 نومبر 2023ع تي ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سر??راهي ڪانفرنس جو فالو اپ هوندو. ملڪي سر??راهن ۽ حڪومتن ۽ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ عملدارن جي سر??راهي اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم سر??راهي اجلاس ۾ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندو، هو غزه ۾ ??سل ڪشيءَ جي فوري خاتمي، فوري ۽ غيرم??رو?? جنگبندي ۽ خطي ۾ جاري اسرائيلي مهم جوئي کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندو جيڪو وچ اوڀر جي ملڪن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ 4 جون 1967ع جي سر??دن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هُجي، تي پڻ زور ڏيندو. ترجمان چيو ته سر??راهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.