اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم هائوس ۾ ابوظهبي پورٽس گڏيل عرب امارات جي وفد جي ايندڙ دوري جي سلسلي ۾ هڪ اعليٰ سطح جي بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب ??زيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب ??زيراعظم دوري جي اهميت جو ذڪر ڪيو جيڪو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي حڪومت جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ جي اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اهڙي طرح جي سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت ??ي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم، ايوي ايشن، ريلوي، بي او آءِ ۽ ايف بي آر جي وزارتن بابت تجويز ??يل ايم او يوز پڻ پيش ڪيا ويا. لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين تجويز ??يل مفاهمت جي يادداشتن تي پريزنٽيشن ڏني. نائب ??زيراعظم اجلاس ۾ موجود وزارتن جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته اهي هن دوري جي ڪاميابي ۽ تجويز ??يل مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ جي تياري جي لاءِ موثر طريقي سان ڪم ڪن.