اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن و??ري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سي پيڪ تحت ج??ري رٿائ?? جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته اهي منصوبا پاڪستا?? جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ جا ضامن آهن ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سي پيڪ جي ج??ري رٿائ?? جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس منظور سمرا، جوائنٽ چيف اڪناماسٽ آپريشنز ظفر الحسن ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير سي پيڪ تحت پنج ساله ترقياتي منصوبي جي ڪاميابيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستا?? جي سمورن صوب?? جي شموليت ۽ ترقيءَ جي برابري وارن موقعن تي زور ڀريو.هن هدايت ڪئي ته سي پيڪ فيز ون، سي پيڪ فيز ٽو جهڙن اهم جُزن کي شامل ڪندي سمورين راهدارين کي مربوط بڻايو وڃي ته جيئن اهي منصوبا پنهنجي مقرر هدفن مطابق مڪمل ڪري سگهجن. وفاقي وزير ايم ايل ون (ملتان کان پشاور ريلوي لائن) ۽ ڪي ڪي ايڇ (قراقرم هاءِ وي) جهڙن اهم منصوب?? جي وقت سر تڪميل تي خاص زور ڀريو ۽ هداي?? ڏني ته انهن منصوب?? جي باقاعدگي سان نگراني ڪئي وڃي ته جيئن انه?? جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائي سگهجي. احسن اقبال سي پيڪ منصوبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي منصوبا پاڪستا?? جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ جا ضامن آهن ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.