اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلاروس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو آهي. نور خان ايئر بيس تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي لب??س پهريل ٻارن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خي?? سگالي جون ڳ??لهيون به ٿيو??. ب??لاروس جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو. واضح رهي ته شريڪ ملڪن جا ن??ائندا اڳ ئي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهمانن جي آجيان لاءِ سڄي شهر کي رنگ برنگي روشنين ۽ گلن سان سجايو ويو آهي ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جا جهنڊا به لڳايا ويا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو.