اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ڪالهه اڱاري ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ميڊيا فيسلي ليٽيشن سينٽر جو دور?? ڪيو ۽ مق??مي ۽ عالمي ميڊيا جي سهولت لاءِ ڪيل مختلف انتظامن جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن ڊيجيٽل لائبريري، ميڊيا فيسلي ٽيشن روم، اسٽوڊيو ۽ ميڊيا روم سميت مختلف سهولتن بابت بريفنگ ڏني. دوري دوران غيرملڪي ميڊيا جي صحا??ين پرڏيهي آفيس جي ترجمان سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. ٻئي طرف اڳوڻي نگران وزيراعظم سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ پڻ ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر جو دور?? ڪيو ۽ مق??مي ۽ غيرملڪي ميڊيا جي صحا??ين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.