اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برطان??ي پارليامنٽ جي ميمبر محمد ياسين اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم م??ام??ن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر اياز صادق چيو ته پاڪستان جا برطانيه سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام برطانيه سان خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي راهه تي گامزن آهي. پاڪستان برطانيه سان پارلياماني ۽ اقتصادي سهڪار سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ملڪن ج?? پارليامانن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. هن چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيه جي قومي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ- برطانيه پارلياماني فرينڊ شپ گروپ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. برطان??ي پارليامنٽ ميمبر چيو ته برطانيه پاڪستان سان پنهنجي تاريخي ۽ پراڻن لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو. پارلياماني فرينڊ شپ گروپس جي پليٽ فارم سان ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ مضبوط پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ملندي، پاڪستان ج?? ترقي طرف ??فر انتهائي تعريف جوڳو آهي.