اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پ?? پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته آءِ پي پ??ز جي مسئلي کي خوش اسلوبيءَ سان حل ڪيو ويندو، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻٽر آهن، مستقبل جي توانائيءَ جي ضرورتن کي پ??رو ڪرڻ لاءِ بهتر منصوبا بندي ڪري رهيا آهيون. گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته توانائيءَ جو شعبو معيشت جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ان لاءِ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي. بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي نظام کي وقت جي ضرورت سمجهندي جديد رُخن تي آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ 17 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي. لائن لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ريڪوريز ۾ ب??تريءَ لاءِ وڌيڪ فعال حڪمت عملي اپنائڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ان حوالي سان به سڌارا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي بنيادي سببن ۾ ب??تر منصوبا بنديءَ جو فقدان، گردشي قرضن جو بار ۽ صارفين تي بلند وياج جي شرح آهي.