اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي بيورو آف انٽرنيشنل نارڪو ٽڪس اينڊ لا انفورسمينٽ افيئرز (??ءِ اين ايل) جي وفد ملاقات ڪئي ??نهن ۾ گڏيل دلچسپ?? جي معاملن، ٻطرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ آمريڪا جي نائب سفير نيٽلي بيڪر، ڪنٽري ڊائريڪٽر ??ءِ اين ايل لائن نيلسن، پوليس ايڊوائيزر ايڊ پريسٽن ۽ پوليس پروگرام اسپيشلسٽ فيصل گل به شامل هو. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته پاڪستان جي پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ ??ءِ اين ايل غير معمولي سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي ??هم منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃ?? جيڪو واکاڻ جوڳو آهي. چاهيون ٿا ته ان سهڪار کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي ۽ پائيدار بنيادن تي قائم ڪيو وڃي، ماسٽر پلان ذريعي سڀ کان پهرين انتهائي ??هميت وارن منصوبن تي ڌيان ڏنو وڃي. محسن نقوي چيو ته ايف ??ءِ اي پاڪستان جو انتهائي ??هم جاچ ادارو آهي، چاهيون ٿا ته ايف ??ءِ اي کي ??ءِ اين ايل جي سهڪار سان ايف بي ??ءِ جي طرز تي متحرڪ ادارو بڻايو وڃي. پاڪستان ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ اهو منصوبو هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊم?? جي نئين سر جوڙجڪ انتهائي ??روري آهي ته جيئن ان کي هڪ عالمي معيار جي اڪيڊمي بڻائي ??گهجي. هن چيو ته فرنٽيئر ڪانسٽيلبري سڄي پاڪستان ۾ ريزور پوليس جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان فورس کي به جديد بنيادن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، انهن سمورن معاملن ۾ اسان لاءِ سڀني کان اهم آمريڪا جي تجربي مان فائدو کڻڻ آهي. هن چيو ته منشيات جي روڪٿام جي سلسلي ۾ به هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. آمريڪي وفد طرفان دهشتگرد?? جي تازن واقعن ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. آمريڪي نائب سفير ٻڌايو ته ??ءِ اين ايل 42 سالن کان پاڪستان جي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. خواهش آهي ته ان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بڻايو وڃي.پاڪستان جي سيڪيورٽي ۾ ئي ??مريڪا جي سيڪيورٽي آهي.