اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان دهلي هاءِ ??ورٽ پاران ڪشميري عوام جي حقن جي وڪالت ڪندڙ ڪيترين ئي سياسي پارٽين تي پابندي هڻڻ جي ڀارتي فيصلي کي برقرار رکڻ جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چ??و ته ڀارتي حڪومت پاران مقامي سياسي پارٽين تي پابندي ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ ??ي دٻائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير تي پنهنجي قب??ي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ??ارت جي بي لگام مهم جو حصو آهي. ترجمان چ??و ته ڄمو?? ۽ ??شمير جي ماڻهن جي حقن جي وڪالت ڪندڙ پارٽين کي غيرقانوني سرگرمين جي (روڪمٿام) ايڪٽ (يو اي پي اي) تحت خاموش ڪيو پيو وڃي. هن چ??و ته اهو قانون ڪشميري عوام تي ڏاڍ جي هڪ هٿيار جي طور تي تيزي سان استعمال ٿي رهيو آهي. ترجمان چ??و ته انهن ڪاررواين کي قانوني حيثيت ڏيڻ ۾ ڀارتي عدليه جو ڪردار ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ جائز سياسي آوازن کي دٻائڻ جي منظوري ڏيندڙ تازن فيصلن کانپوءِ سامهون آيو آهي، گذريل سال ڀارتي سپريم ڪورٽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين کي برقرار رکيو ويو هو. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو سمورين سياسي پارٽين تي پابندي هٽائي جيڪي والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قرار ڏنيون ويون آهن، ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين جو احترامڪ ري، سمورن سياسي قيدين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي آزاد ۽ ڄمو?? ۽ ??شمير سان لاڳاپيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري.