اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ وزيراعظم ??وٿ پروگرام جي چيئرم??ن راڻا مشهود احمد خان کي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سندس عزم ۽ محنت تي ”ڪامن ويلٿ ايئر ??وٿ چيمپيئن“ جو ايوارڊ ڏنو. وزيراعظم ??وٿ پروگرام جي قدمن جي نمائش جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو ته راڻا مشهود نوجوانن کي موقعا، وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۽ مختلف قدمن ۽ پروگرامن ذريعي انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اهم قدم ۽ شاندار ڪم ڪيو آهي. سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي هن راڻا مشهود جو ڪامن ويلٿ جي روايتن مطابق ٽي ڀيرا ٿورو مڃيو. هن چيو ته دولت مشترڪه پاڪستان جي نوجوانن لاءِ وزيراعظم ??وٿ پروگرام ٽيم جي همٿ ۽ عزم جو اعتراف ڪري ٿو ڇو جو نوجوان ئي تبديلي آڻڻ جا محرڪ آهن. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل بٽڻ دٻائي وزيراعظم ??وٿ پروگرام جي 6 قدمن جو افتتاح ڪيو جن ۾ ڪامن ويلٿ ايشيا ي??ٿ الائنس، ڊيجيٽل لرننگ پورٽل، قومي رضاڪار ڪور لاءِ لوگو، برٽش ڪائونسل ۽ انٽيل ڪارپوريشن جي سهڪار س??ن اي آءِ ايجوڪيشن پروگرام ۽ ڪامن ويلٿ ??وٿ پارليامينٽري فورم قائم ڪرڻ شامل آهن.