اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ هائوس ۾ فلسطين جي اڳو??ي وزيراعظم ??سماعيل هنيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئ??. ج??ازي نماز ۾ وزيراعظم ??هباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اڳو??ي وزيراعظم ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ب??ريسٽر گوهر علي خان، عامر ڊوگر سميت مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. غائبانه جنازي نماز پارليامينٽ هائوس جي جامع مسجد جي خطيب مفت حمد الرحمان پڙهائي. ان موقعي تي اسماعيل هنيه جي روح جي ايصال ثواب ۽ فلسطين جي ??زا??ي، فلسطيني عوام کي درپيش مسئلن جي خاتمي ۽ مسلمان امت جي يڪجهتي جي لاءِ پڻ خصوصي دعا ڪئي وئي.