اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن افغان پناهگير?? تي خصوصي ڌيان سان گڏ عالمي پناهگيرن جي صورتحال بابت وسيع مسئل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستا?? ۽ ??و اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پراڻي تعاو?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ تعاون کي ساراهيندي ان کي ملڪ جي مهمان نوازي جو هڪ شاندار مثال قرار ڏنو. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي يو اين ايڇ سي آر جي جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني ۽ پاڪستا?? ۽ ??و اين ايڇ سي آر جي وچ ۾ پائيدار رابطن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ??نو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير افغان پناهگيرن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف ۽ ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ??نو ته سڄي دنيا ۾ اڀرندڙ نئين انسا??ي صورتحال سان عالمي ڌيان کي لکين افغانين جي ضرورتن تان هٽائڻ نه گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي يڪجهتي جي مسلسل مظاهري ۽ عالمي ذميواري ۽ بار ونڊڻ جي اصول تي وفاداري سان عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ??نو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ هاءِ ڪمشنر افغان پناهگيرن کي ضروري امداد جي فراهمي ۽ انهن جي سٺي، محفوظ ۽ باوقار واپسي جي لاءِ پائيدار حل جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.