اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع ۾ حڪومت طرفان سخت مالياتي نظم ۽ ضبط باوجود حڪومتي خرچن تي دٻاءُ برقرار رهيو. حڪومتي خرچن تي دٻاءُ جو بنيادي سبب قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ بي پناهه اضافو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران مالياتي خسارو 3.7 س??ڪڙ?? رهيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران ڪل حڪومتي خرچن ۾ 36.6 س??ڪڙ?? جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 13682.8 ار?? روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي ??دي دوران اٽڪل 10 هزار ار?? روپيا هو. حڪومت جي جاري خرچن ۾ 33.4 س??ڪڙ?? جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 12333.3 ار?? روپين تي پهچي ويو. ڪل ترقياتي خرچن ۾ 14.2 س??ڪڙ?? جو اضافو ٿيو جيڪو وڌي 1158.1 ار?? روپين تي پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 1014 ار?? روپيا هو ۽ عوام مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي محصول ۾ 41 س??ڪڙ?? جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 7980.4 ار?? روپين تي پهچي ويو، ٽيڪس محصولن ۾ 29.3 س??ڪڙ?? جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 7262.5 ار?? روپين تي پهچي ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان نج عارضي ٽيڪس اوڳاڙي جي مد ۾ 30.8 س??ڪڙ?? جو اضافو ٿيو. جيڪو وڌي 8125.7 ار?? روپين تي پهچي ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران چئني صوبن طرفان 435.5 ار?? روپين جو گڏيل سرپلس ڏنو ويو.