اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪي تعليمي پروگرام مضبوط بڻائڻ ۽ شاگردن کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي لاءِ شاگردن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي تائين پهچ وڌائڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار قائداعظم يونيور??ٽي اسلام آباد جي و??ئي?? چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي ضرورت آهي، شاگردن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ سان انهن جي تعليم تائين پهچ وڌندي، ڊيجيٽل ورڇ ختم ٿيندي. صدر چيو ته نوجوانن کي ٽيڪنالاجي ۾ مهارتن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن اهي قومي ۽ عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي وڏن انساني وسيلن سان نوازيو آهي. صدر چيو ته انساني وسيلن کي جديد ترين تعليم ۽ هنر فراهم ڪري هڪ طاقت بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان تعليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلا برآمد ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. صدر چيو ته يونيورسٽيون هنرمند پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پاڪستان کي ڊاڪٽرز، انجنيئرز، نرسن ۽ استادن جهڙا وڌيڪ پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. آصف علي زرداري چيو ته يونيورسٽيون شاگردن جي ڪردارسازي ۽ تعليمي معيار وڌيڪ بهتر ??ڻائڻ تي ڌيان ڏين. صدر چيو ته شاگردن جي حوصلا افزائي جي لاءِ قائداعظم يونيور??ٽي جي پوزيشن هولڊرز کي روڪ صدارتي ايوارڊز ڏنا وڃن. قائداعظم يونيور??ٽي جي و??ئي?? چانسلر صدر کي يونيور??ٽي جي تعليمي پروگرامن ۽ ٻين انتظامي معامن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته قائداعظم يونيور??ٽي پاڪستان جي ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان هڪ آهي، عالمي درجابندي ۾ 315 هين نمبر تي آهي. و??ئي?? چانسلر چيو ته قائداعظم يونيور??ٽي معاشري جي لاءِ ڪارائتي تحقيق تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيجيٽل??ئي??يشن قائداعظم يونيور??ٽي جي اولين ترجيح آهي. صدر پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ يونيور??ٽي جي ڪردار کي ساراهيو. صدر و??ئي?? چانسلر کي يونيور??ٽي جي مالي مسئلن کي مناسب فورم جي ذريعي حل ڪرائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.