اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو آهي ته اسان ??لڪ ۽ قوم جي لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي سماجي را??طي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 4 اپريل 1979ع تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ک?? هڪ غيرشفاف عدالتي ڪارروائي جي ذريعي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي هئي. 44 سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان تاريخي غلطي جو ازالو ڪيو پر ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرڀاتين ۽ ڪارڪنن جي لاءِ ان ??اقابل تلافي نقصان جو ازالو رڳو ڳوڙها ۽ نه ختم ٿيندڙ افسوس آهي. هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان جي مغفرت ۽ سمورن لاڳاپيلن جي لاءِ صبر جي دعا ڪريون ٿا.