اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهندو ۽ هر فورم تي انهن ج?? لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پاڪستان ۾ فلسطين ج?? سفير احمد جواد ربيع سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻ?? ملاقات ڪئي. سفير صدر آصف علي زرداري کي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن غزه جي پٽيءَ ۾ بيگناهه فلسطينين ج?? خلاف اسرائيلي فوج جي ظلمن ۽ دهشتگردي تي روشني وڌي. فلسطيني سفير سان ڳالهائيندي صدر فلسطيني عوام جي بهادري ۽ اسرائيلي قبضي جي خلاف ڊگهي ج??وجهد کي ساراهيو. صدر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سمورين رڪاوٽن کي هٽائي ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ فلسطيني شهرين ج?? تحفظ کي يقيني بڻائيندي غزه ۾ انساني امداد جي آزاداڻي پهچ جي لاءِ ڪوششون ڪري. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي لاءِ خوراڪ ۽ دو??ئن سميت اضافي امدادي سامان موڪليندو. فلسطيني سفير تعليم جي شعبي ۾ پاڪستان ج?? حمايت کي ساراهيو، 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني پاڪستان ج?? تعليمي ادارن مان مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪري چڪا آهن. هن فلسطيني صدر محمود عباس جو سلام پڻ پيش ڪيو ۽ فلسطيني عوام سان مسلسل حمايت ۽ يڪجهتي تي پاڪستان ج?? حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.