ڪراچي – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پاڪس??ان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن هڪ اهم ادارو آهي، هي مختلف زبانن ۾ خبرون ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائي ٿو. اها ڳالهه هن پي بي سي جي ڪراچي آفيس جي دوري جي موقعي تي ??طا?? ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته ريڊيو پاڪس??ان جا مسئلا بشمول رهتن، پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جا مسئلا ۽ انهن جي حل جي لاءِ لاڳاپيل فورم تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن چيو ته حڪومت انهن ادارن کي مالي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ تي غور ڪري رهي آهي جن جا خرچ وڌيڪ آهن. ريڊيو پاڪس??ان تي بجلي جي يوٽيلٽي بلن جو بار ??ه بحث هيٺ آهي ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ پاور ڊويزن کي آن بورڊ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته اڳ ۾ پينشنرز پنهنجي پينشن جي دير سان ادائگي سبب متاثر ٿيندا هئا پر هاڻي پينشنرز کي انهن جي پينشن وقت سر ادا ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري سيڪريٽري ريڊيو پاڪس??ان ۽ ان جي ملازمن جي بهتري جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي جنهن ۾ سرڪاري اسڪيل کي اختيار ڪرڻ ۽ ٻيا شامل آهن. شاهيره شاهد چيو ته ريڊيو جي ٽرانسميٽرز کي پڻ بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن بنا رڪاوٽ ٽرانسميشن کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ اداري جي نشريات کي سينٽرلائز ڪرڻ جي لاءِ روات، اسلام آباد ۾ هڪ سيٽ اپ قائم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ملازمن کي طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تنظيمي سطح تي پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ريڊيو پاڪس??ان جي ملڪيتن کي اداري جي بهتري ۽ ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪالهه جمعي ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) جي بيورو آفيس ڪراچي جو پڻ دورو ڪيو، بيورو آفيس جي مختلف شعبن جو مع??ئن?? ڪيو ۽ بيورو چيف اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي بيورو جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري پاڪس??ان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي عمارت پهتي ۽ نيو براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر پي بي سي، پي آءِ ڊي جا سينيئر آفيسر، بيورو چيف اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جا آفيسر پڻ اطلاعات واري سيڪريٽري سان گڏ هئا. بعد ۾ هن اي پي پي بيورو آفيس جي مختلف سيڪشنز، اي بي سي، ريديو پاڪس??ان ۽ فشريز ڊپارٽمينٽ جي آفيسن جو پڻ مع??ئن?? ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسن جي آفيسرن اطلاعات واري سيڪريٽري کي بريفنگ ڏني. ان کان اڳ اطلاعات واري سيڪريٽري جو پي بي سي بلڊنگ اچڻ تي ريڊيو پاڪس??ان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي ٻين سينيئر آفيسرن شاندار ??ستقبال ڪيو.