اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب ۾ عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب جي گورنر انجنيئر بليغ الرحمان، بلوچستان جي گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام محمد، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو، نئين چونڊيل قومي اسي??بل?? ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نواز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، حمزه شهباز، عليم خان، راجا ظفرالحق، احسن اقبال، خواجه محمد آصف، مرتضيٰ جاويد عباسي، فاروق ستار سميت ٻيا سيا??ي اڳواڻ پڻ موجود هئا. واضح رهي ته شهباز شريف ان کان اڳ هڪ ڀيرو وزارت عظميٰ جڏهن ته ٽي ڀيرا پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي تي رهي چڪو آهي، هو پهريون ڀيرو 11 اپريل 2022ع کان 14 آگسٽ 2023ع تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي رهيو. هو ٽي ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير رهيو. ه?? 1988ع کان 1990ع تائين پنجاب اسي??بل?? جڏهن ته 1990ع کان 1993ع تائين قومي اسي??بل?? جو ميمبر رهيو، 1993ع کان 1996ع تائين پنجاب اسي??بل?? ۾ مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ هو پنجاب جو وڏو وزير بڻيو ۽ 1999ع تائين ان عهدي تي رهيو. 2008ع ۾ هو چوٿون ڀيرو پنجاب اسي??بل?? جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو. ان مدي ۾ 2013ع تائين هو پنجاب جو وڏو وزير رهيو. 2013ع جي عام چونڊن ۾ هن صوبائي اسي??بل?? جي ٽن ۽ هڪ قومي اسي??بل?? جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جنهن کانپ??ءِ هو ٽيون ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو.