لاهور-26 فيبروري (اي پي پي) تعيلم ۽ پ??شوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي پوندي، نوجوانن کي فني مهارتن جي تربيت ڏياري معاشري جو ڪارآمد شهري بڻائي سگهجي ٿو. نگران حڪومت مختصر عرصي ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ ??اءِ روڊ ميپ ??يار ڪري ايندڙ حڪومت لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيو ٽيڪ) ۽ پ??جاب اسڪلز ڊولپمينٽ فنڊ (پي ايس ڊي ايف) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي ??حيحون ڪرڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان يادداشت جو مقصد پٺتي پيل طبقي جي ترقيءَ لاءِ هڪ ڪوشش ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي هنرمند ۽ باصلاحيت بڻائڻ آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ روايتي ??جاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي لاءِ پوندي. هن چيو ته يونيورسٽين کي معياري تعليم سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا. ايندڙ حڪومت لاءِ هڪ روڊ ميپ ڇڏي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ايندڙ حڪومت ان روڊ ميپ تي ??مل ڪري تعليم جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي نيو ٽيڪ جي چيئرپرسن سميت ٻين به خطاب ڪيو.