اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي فعال سفارتڪاري ۽ گهري ل??ڳاپن جي هڪ حصي طور ڪيريبين ۾ سينٽ ڪيٽس اينڊ نيوس ۽ بحرالڪاهل مارشل آئي لينڊ سان باضا??طا طور تي سفارتي ل??ڳاپا قائم ڪيا آهن. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجو سفارتي دائرو وسيع ڪندو رهندو ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائيندو رهندو. هن چيو ته اسان ننڍن جزيرن جي اسرندڙ رياستن تائين پهچ کي وڌائن جو ا??ادو رکون ٿا جيڪي گهڻ رخي سطح تي پاڪستان جي ل??ءِ اهم حصيدار آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گذريل ٽن سالن ۾ پالائو، ڪريباتي ۽ ڊ??مي??يڪن ريپبلڪ سان سفارتي ل??ڳاپا قائم آهن.