اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زور ??نو آهي ته پاڪستان ۽ ايران کي علائقائي سالميت ۽ ??ود??ختياري سميت ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي گڏ??ل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏ??ل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ??نو ته ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز ??اص طور تي هڪ ٻئي جي علائقائي سالميت ۽ ??ود??ختياري کي گڏ??ل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏ??ل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. نگران وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي کيس جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.