اسلام آباد – 01 – فيبجارحیت/135889.html">روري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سومر ڏينهن 5 فيبجارحیت/135889.html">روري تي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ان ڏينهن تي پاڪستاني ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري، ڪشميري عوام سان انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪن ٿا. هن چيو ته ماضي وانگر ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ هڪ وسيع پروگرام جوڙيو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير ت??را?? جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.