اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شطرنج جي راند کي پاڪستان ۾ مقامي سطح تي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ملڪ ۾ شطرنج جي مقبوليت لاءِ مقابلا منعقد ڪرڻ گهرجن ۽ شطرنج جي عالمي تنظيمن ۽ نجي شعبي سان حصيداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عالمي شطرنج فيڊ??يش?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چي?? ته شطرنج جي سرپرستي ۽ فروغ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، شطرنج جا مقابلا منعقد ڪرڻ سان راند جي حوصلا افزائي ڪري سگهجي ٿي. صدر ملڪ ۾ شطرنج سميت صحتمند سرگرمين کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چي?? ته شطرنج جا ذهني ۽ تعليمي فائدا آهن، تعليمي نظام ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته شطرنج ذهني ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ ذهني صلاحيتون وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. وفد صدر کي دنيا ۾ شطرنج جي فروغ ۾ عالمي شطرنج فيڊ??يش?? جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ شطرنج بابت سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان ۾ ماڻهن جو وڏو انگ شطرنج جي راند کي پسند ڪري ٿو. وفد چي?? ته شطرنج کي اسڪولن ۾ پرائمري سطح تي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چي?? ته شطرنج جا رانديگر شطرنج جي عالمي مقابلن ۾ آن لائين پڻ حصو وٺي سگهن ٿا. وفد ۾ عالمي شطرنج فيڊ??يش?? جو صدر ۽ روس جو اڳوڻو نائب وزيراعظم آرڪا ڊي ڊورڪووچ، ايشين شطرنج فيڊ??يش?? جو صدر ۽ گڏيل عرب امارات ۾ مرحوم صدر جو پٽ شيخ سلطان بن خليفه النهيان، عالمي شطرنج فيڊ??يش?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊانا ريزنيز اوزولا، برطانوي شطرنج جي گرينڊ ماسٽر ڊاڪٽر نائجل شارٽ، ايشين شطرنج فيڊ??يش?? جو سيڪريٽري جنرل هشام الطاهر، پاڪستان شطرنج فيڊ??يش?? جو سرپرست اعليٰ جوهر سليم، عالمي شطرنج فيڊ??يش?? جا ميمبر، ايشين چيس فيڊ??يش??، پاڪستان شطرنج فيڊ??يش??، اسلام آباد اسڪريبل ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان اسڪريبل ايسوسيئيشن جا ميمبر شامل هئا.