ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پيمرا رولز تحت لائيسنس يافته ٽي وي چينلز چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پنهنجُون بيورو آفيسون ??ائم ڪرڻ جا پابند آهن، جيڪي چينل پنهنجا بيورو بند ڪري رهيا آهن، انهن ج?? مالڪن سان ڳالهه ڪنداسين، ??يڊيا ورڪرز سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ??ا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي اهتمام هيٺ بول نيوز، روزاني دنيا ۽ روزاني انتخاب مان ورڪرز جي جبري برطرفين جي خلاف منعقد مظاهري سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪيو. بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي صدر عرفان سعيد ان موقع?? تي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ??يڊيا ورڪرن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻن، بلوچستان ۾ اڳ ۾ ئي روزگار جا موقعا محدود آهن. ان موقع?? تي اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي صحافين جي برطرف?? تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙيون ??اليسيون ??ازمي آهن جيڪي صحافي برادري سميت ملازمن جي حقن جو تحفظ ڪن.