اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي)پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ج??ڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪميٽي وزارت ۽ ايڇ اي سي ج?? سينيئر عملدارن تي ٻَڌل هوندي. تعل??م واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته علمي، انتظامي ۽ قانوني مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي ج??ڙي وئي آهي. ڪميٽي ان ڳالهه جو تعين ڪندي ته موجوده مسئلن جو ذميدار ڪير آهي، ڪميٽي فوري پنهنجا نتيجا پيش ڪندي ج??هن تي سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چيو ته منهنجي سرونگ ۽ رٽائرڊ استادن سان ملاقات ٿي ج??هن ۾ اردو يونيورسٽي جا سمورا مسئلا مون آڏو رکيا ويا.هن چيو ته ايڊهاڪ بيسز تي يونيورسٽي نٿي هلي سگهي، مستقل عملي ج?? ضرورت آهي. هن چيو ته قانون جي بالادستيءَ سان ئي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي سمور?? مسئلن کي اهڙي نموني حل ڪرڻو آهي ته جيئن صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿئي.