ڪراچي – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي بئ??ڪاري ادارن تي زور ڏنو آهي ته ا??ي عورتن جي مالي شموليت کي وڌيڪ وڌائڻ سان گڏوگڏ بئ??ڪنگ سيڪٽر ۾ صنفي برابري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن، بئ??ڪنگ سيڪٽر کي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي آسان ۽ پهچ جوڳي مالي خدمتن جي فراهمي کانسواءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا ۽ فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي نوڪرين دوران تربيت فرهام ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس سنڌ ۾ مختلف بئ??ڪن جي نمائندن سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي مالياتي شموليت جي قدمن تي اڳڀرائي سان گڏوگڏ روزگار ۽ مالياتي موقعن کي يقيني بڻائڻ جي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. جائزه اجلاس ۾ اسٽيٽ بئ??ڪ آف پاڪستان جي سينيئر عملدارن ۽ مختلف ڪمرشل بئ??ڪن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرز شرڪت ڪئي. اقتصادي سرگرمين ۾ عورتن جي بامعنيٰ شرڪت کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي صدر چيو ته ا??و ڏسڻ حوصلي جوڳو آهي ته عورت کاتيدارن ۽ بئ??ڪنگ سيڪٽر جي نوڪرين ۾ انهن جي حصي ۾ گذريل سالن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۽ بئ??ڪنگ سيڪٽر ۽ ٻين معاشي سرگرمين ۾ عورتن ۽ معذور ماڻهن جي شموليت جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته بئ??ڪنگ سيڪٽر ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪريون تيار ڪري سگهجن ٿيون ۽ بئ??ڪ اڪائونٽس کولڻ جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ گهرجي. صدر سڄي دنيا ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي تيز رفتار ترقي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ بئ??ڪنگ انڊسٽري کي جديد ترين آءِ ٽي ٽولز کي استعمال ۾ آڻيندي تبديل ٿيندڙ حالتن موجب هلڻو پوندو. هن بئ??ڪنگ فراڊ جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ بئ??ڪن جي حفاظتي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن بئ??ڪنگ صارفين جي مفادن جو موثر تحفظ ڪري سگهجي. صدر بئ??ڪن کي چيو ته ا??ي پنهنجي صارفين کي پي?? ڪئي ويندڙ مختلف سهولتن ۽ مالياتي مصنوعات بابت بيداري پيدا ڪن ۽ گڏ ئي انهن جي بئ??ڪنگ مسئلن کي تيزي سان حل ڪن. اسٽيٽ بئ??ڪ جي عهديدارن ۽ ڪمرشل بئ??ڪنگ جي سربراهن صدر کي ٻڌايو ته برانچ ليس بئ??ڪنگ، اڪائونٽ کولڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ، خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ بئ??ڪنگ ۾ نوڪريون ۽ برابري تي بئ??ڪنگ جهڙن قدمن جي نتيجي ۾ عورت اڪائونٽس هولڊرز جي تناسب ۾ اضافو ٿيو آهي. ان موقعي تي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بئ??ڪنگ سيڪٽر ۾ معذوري جي 2 سيڪڙو ڪوٽا کي پڻ يقيني بڻايو پيو وڃي.