اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت ۾ ??ين?? مئنيجمينٽ قدم تحت ڊيجيٽلائيزڊ سسٽم جي شروعات ڪري ڇڏي. پرڏيهي وزير ڊيجيٽلائيزڊ سسٽم جي شروعات ۽ سولرائيزيشن پروگرام جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ب??ور پرڏيهي وزير اهو منهنجو منشور هو ته پرڏيهي وزارت کي بهترين بڻايو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۽ پرڏيهي آفيس جي وچ ۾ بهترين رابطو قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته پرڏيهي وزارت ۾ مجموعي ??ور تي 51 منصوبن تي ڪم ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت ۾ 19 منصوبا مڪمل ٿيا آهن جڏهن ته 25 تي ڪم جاري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فارن سروس اڪيڊمي، اي ميلنگ، پبلڪ ڊپلوميسي ۽ ڪونسلر سروسز سميت ڪيترن ئي منصوبن ۾ بهتري آندي وئي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي تحت اسان مختلف انتظامي شعبن ۾ بهتري آندي آهي جڏهن ته ا??ڇ آر، فنانس سميت اي ميل سسٽم کي ڊيجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڏس ۾ پرڏيهي وزارت ۾ شمسي توانائي مان فائدو حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، شمسي توانائي جي منصوبي تي چين جا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پرڏيهي وزارت جي نئين ويب سائيٽ پڻ ڊيولپ ڪئي آهي، چاهيندا هئاسين ته هڪ اهڙو پليٽ فارم هجي جيڪو عام ماڻهن جي لاءِ آسان سان پهچ جوڳو هجي. هن چيو ته پاڪستان دنيا سان لاڳاپن جي بهتري لاءِ قدم کنيا، ايف اي ٽي اي جي گري لسٽ مان وقت کان اڳ نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. پرڏيهي وزير چيو ته ا??غانستان کي چيو آهي ته دهشتگردن کي پنهنجي سرزمين استعمال نه ڪرڻ ڏين، افغانستان جي مسئلن کي اسان بهتر طريقي سان سمجهي سگهون ٿا، مسئلن جي حل لاءِ افغانستان جي هر طرح کان مدد لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته روس – يوڪرين جنگ جي ڪري دنيا کي غيرمعمولي حالتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.