پيرس – 22 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، موسمياتي انصاف سان گڏ اسرندڙ ملڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت عالمي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. و??ير??عظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي شاندار آجيان ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل و??ير??عظم جي جوابي خيرسگالي جي پرجوش جذبن سان آجيان ڪئي. ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي و??ير??عظم چيو ته توهان کي پاڪستان جو محسن تصور ڪريون ٿا، ٻوڏ جي موقعي تي توهان جي مدد وساري نه ٿا سگهون، موسمياتي تبديلين سان پاڪستان م ٿيندڙ تباهي جا توهان اکين ڏٺا شاهد آهيو. و??ير??عظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي قدمن بابت سيڪريٽري جنرل کي آگاهه ڪيو. و??ير??عظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ رهندي. هن چيو ته م??سمياتي تبديلين سان اسرندڙ ملڪن تي معاشي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو آهي، اسرندڙ ملڪن ۾ واڌويجهه جي شرح وڌائڻ ۽ مالياتي توازن برقرار رکڻ ۾ نوان مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ پيرس ۾ سربراهي ڪانفرنس هڪ سٺي ۽ صحيح رخ ۾ شروعات آهي. هن چيو ته م??سمياتي انصاف سان گڏ اسرندڙ ملڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ و??ير??عظم ۽ ان جي حڪومت جي جذبي کي ساراهيو.