باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيج??ن جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ??يالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي ??تفاق ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صدر الهام عليوف سان ملاقات انتهائي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو، اسان پنهنجي بهترين لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي ??تفاق ڪيو آهي، اس??ن جي گڏيل عزم موجب واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته هو ۽ ??ن جو وفد پاڪستان ۽ پاڪست??ن جي عوام جي لاءِ آذربائيج??ن جي ماڻهن جي محبت کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، باڪو ۾ لهرائيندڙ پاڪستاني جهنڊن جي بهار ڏسڻ وٽان هئي، عوام جي وچ ۾ گڏيل محبت ۽ احترام تي ٻڌل اهو رشتو اس??ن جي لاڳاپن جي مضبوطي جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي پاڪست??ن جي مسلسل ح??ايت تي ??ذربائيج??ن جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي ڪاراباخ جي معاملي تي پاڪست??ن جي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم چيو ته قيادت جي سطح تي گڏيل عزم اس??ن جي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده دور جي گهرجن موجب نئين شڪل ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ?? اسان گڏجي ان کي پورو ڪنداسين.